راجو خمره

راجو خمره: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ”راجو خمره ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي خاص امير راڄو ليکيءَ جو ڀاءُ هو. راجو خمره وڏو دلير هوندو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ڀائرن ميان عطر خان ڪلهوڙي ۽ ميان احمد يار خان ڪلهوڙي جي وچ ۾ روهڙيءَ واري جنگ لڳي ته راجو خمره ميان غلام شاهه جي فوج ۾ شامل هو. روهڙيءَ جي لڙائي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان ٻئي ڀائر لشڪر سميت وڙهڻ آيا. اها لڙائي 1171هه/ 1758ع ۾ لڳي، جنهن ۾ راجو خمره دليريءَ سان وڙهندي مارجي ويو هو.


لفظ راجو خمرهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو